ڌونڪ ماٿري گاجي شاهه واري واهِي

ڌونڪ ماٿري/گاجي شاهه واري واهِي: هيءَ واهي، تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ غازي شاهه عرف گاجي شاهه جي اولهه وارن جبلن ۾ موجود چشمن مان وهي، گاجي شاهه جي مزار آڏو ڌونڪ ماٿريءَ ۾ پوي ٿي. هتي ’بنجو‘ نالي خوبصورت آبشار موجود آهي. جهرڻي جو نظارو نهايت وڻندڙ آهي. پهريائين هن واهيءَ کي ڌونڪ جي واهي چوندا هئا، پر پوءِ پير گاجي شاهه جي نالي پٺيان سڏجڻ ۾ آئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو